عالمي

نيپال ۾ 22 ماڻهن سميت ننڍو جهاز گم ٿي ويو، ڳولا شروع

نيپال جي جابلو پٽي ۾ هڪ ننڍو جهاز جنهن ۾ 22 ماڻهو سوا هئا، اهو اوچتو گم ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق مقامي اڏامن طور استعمال ٿيندڙ جهاز سياحتي روٽ سان وڃي رهيو هو تھ اهو اوچتو راڊار تان گم ٿي ويو، جنهن جي ڪابھ خبر ناهي پئجي سگهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ جهاز جي گم ٿيڻ جو هڪ سبب موسم جي خرابي آهي. نيپالي ايئرلائين تارا جي ترجمان جو چوڻ هو تھ جهاز جوم سوم کان پوکرا ڏانهن وڃي رهيو هو، جنهن جي آخري لوڪيش سدارشن برٽولا وٽ ملي آهي. جهاز ۾ 19 مسافر 3 عملي جا ماڻهو سوار هئا. هوڏانهن گهرو وزارت جي ترجمان ٻڌايو تھ مقامي اهلڪارن ٻڌيو تھ جهاز جي ڳولا ۾ 2 هيليڪاپٽرن کي استعمال ڪيو پيو وڃي، پر اڃا تائين ڪوبھ پتو پئجي نھ سگهيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button