عالمي

پاڪستاني وفد سان ملاقات تي خوشگوار حيرت ٿي: اسرائيلي صدر

تل ابيب: اسرائيل جي صدر اسحاق هرزوگ پاڪستاني وفد سان ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي. عالمي اقتصادي فورم ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي اسرائيلي صدر چيو ته ٻه هفتا اڳ ڏکڻ ايشيا مان هڪ وفد اسان جي سرزمين تي مون سان ملاقات ڪئي هئي، وفد ۾ 2 پاڪستان نزاد آمريڪي شهري به شامل هئا. اسرائيلي صدر جو چوڻ هو ته پاڪستاني وفد سان هن جي ملاقات سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته وفد ۾ ٻه اهڙا پاڪستاني شهري به شامل هئا جيڪي مستقل طور آمريڪا ۾ ترسيل آهن پر انهن کي پاڪستاني هجڻ تي فخر آهي. اسرائيلي صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني وفد سان ملاقات تمام سٺًي رهي، مون کي خوشگوار حيرت ٿي ڇوجو ان کان اڳ پاڪستاني وفد سان اسرائيل ۾ ملاقات نه ٿي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button