عالمي

نيپال ۾ گم ٿي ويل جهاز جو ملبو ملي ويو، 14 لاش بھ هٿ

نيپال جي سياحتي روٽ تان اوچتو گم ٿي ويل ننڍي جهاز جي ڪري تباهه ٿي وڃڻ ۽ ان ۾ سوار ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق تارا ايئرلائين جي مسافر جهاز جو ملبو 24 ڪلاڪن جي ڳولا بعد مليو آهي. جهاز پوکرا کان جومسوم ڏانهن اڏام ڪئي، پر ڪجهه ئي منٽن بعد ڪنٽرول روم سان ان جو رابطو ڪٽجي ويو، جنهن جو ملبو مستانگ جي علائقي ڪوانگ مان مليو آهي.

نيپال ۾ ڪري تباهه ٿيل جهاز واقعي کان اڳ اڏام جي تياري ۾ نظر ايندي

نيپال جي شهري هوابازي جي اختيارين جو چوڻ آهي تھ آچر ڏينهن تي ئي جهاز جي تباهه ٿيڻ ۽ ملبي جي لوڪيشن ملي، پر خراب موسم سبب ريسڪيو آپريشن ۾ دير ٿي. نيپال جي فوجي ترجمان موجب جهاز ۾ 13 نيپالي، 4 ڀارتي ۽ 2 جرمن شهرين سان گڏ عملي جا ماڻهو گڏائي ڪل 22 ماڻهو سوار هئا، جن مان 14 جا لاش هٿ آيا آهن، پر ريسڪيو آپريشن اڃا تائين جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button