بنگلاديش ۾ بندرگاهه تي موجود 4000 کان مٿي رکيل ڪنيٽينرن ۾ موجود ڪيميڪل اندر اوچتو ڌماڪي سان باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 38 ماڻهو سڙي فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن تھ 300 کن زخمي ڄاڻايا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڇنڇر جي ڏينهن رات جي وقت چٽاگانگ پورٽ جي سيتاڪنڊا اسٽوريج ۾ باهه ڀڙڪي هئي، جتي 4 هزار کان وڌيڪ ڪنٽينر موجود هئا،
جنهن کي وسائڻ جي ڪوشش جاري آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ڪنٽينرن ۾ ڪيميڪل موجود هو، جن ۾ باهه لڳي آهي. جڏهن تھ ڊائريڪٽر بي ايم ڪنٽينر مجيب الرحمان 600 رضاڪارن سميت باهه تي ضابطو آڻڻ وارين ڪارواين ۾ مصروف آهي، جنهن جو چوڻ آهي تھ باهه لڳڻ جو ڪارڻ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو، مقامي اختيارين جو چوڻ آهي تھ سڙي فوت ٿيندڙن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 فائر فائيٽر پڻ شامل آهن.