نئين دهلي: ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي ترجمان جي گستاخاڻي بيان تي ڀارت سميت سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته عرب ملڪن ۾ ڀارت جي بائيڪاٽ جي مهم به هلي پئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مصر، سعودي عرب ۽ ڪويت ۾ “بائيڪاٽ انڊيا” مهم شروع ٿي وئي آهي. هوڏانهن ڀارت ۾ به بي جي پي ترجمان جي گستاخاڻي بيان تي مسلمانن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. ڀارتي شهرن ۾ احتجاج کانپوءِ پوليس هڪ طرفي ڪارروائي ڪندي 1500 مسلمان شهرين خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته 36 ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو. ڪانپور ۾ احتجاج جي سڏ تي سخت سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي ۽ بريلي ۾ ڪرفيو هنيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته بي جي پي ترجمان جي گستاخاني بيان تي ڪانپور سميت ٻين ڀارتي شهرن ۾ گوڙ گهمسان شروع ٿي ويو آهي. بي جي پي ترجمان نوپور شرما هڪ ٽي وي چئنل پروگرام ۾ گستاخاڻي گفتگو ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close