عالمي

او آءِ سي جي ڀارتي اڳواڻن جي گستاخاڻي بيانن جي شديد مذمت

رياض: اسلامي سهڪاري تنظيم نبي ڪريم صلعم جي شان ۾ گستاخاڻا بيان ڏيڻ تي مودي سرڪار تي تنقيد ڪندي گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته مسلمانن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀارت کي ضروري قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو وڃي. پرڏيهي خابرو اداري موجب 57 اسلامي ملڪن جي نمائندا تنظيم ” او آءِ سي” حضور صلعم جي شان ۾ بي جي پي جي اڳواڻن جي گستاخاڻي بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. او آءِ سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت جي حڪمران پارٽي جي اڳواڻن طرفان توهين جوڳا بيان اچي رهيا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ مسلم دشمني، منظم پابندي ۽ بدسلوڪي جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. اسلامي سهڪاري تنظيم جي بيان ۾ خاص طور تي ڀارت جي تعليمي ادارن ۾ حجاب تي پابندي واري فيصلي سميت مسلمانن جي ملڪيتن کي نقصان رسائڻ ۽ مذهب جي بنياد تي تشدد ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button