عالمي

ايٽمي معاهدي بابت آمريڪا کي نئين تجويز ڏني آهي: ايران

تهران: ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان چيو آهي ته سندس ملڪ ايٽمي معاهدي جي بحالي لاءِ هڪ نئين تجويز آمريڪا آڏو رکي آهي. سعودي عرب جي خابرو اداري مطابق هن هڪ بيان ۾ چيو ته 2 ڏينهن اڳ اسان ويانا ڳالهين جي راهه کولڻ لاءِ تجويز جي هڪ نئين آڇ ڪئي هئي. اسان ڳالهين ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي فيصلي کي سياسي دٻاءَ تحت نه ڇڏينداسين. هن اعلان ڪيو ته سندس ملڪ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر ايٽمي معاهدي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ پارليامينٽ طرفان منظور ڪيل قانوني قدمن جي پئڪيج کي عمل ۾ آندو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button