نئين دهلي: ڀارت ۾ انتهاپسندي خلاف مسلمانن جو آواز دٻائڻ لاءِ مودي حڪومت نوان حربا هلائڻ شروع ڪري ڇڏيا. گستاخاڻن بيانن خلاف احتجاج ڪندڙ مسلمانن جي گهرن کي ڊاهڻ شروع ڪيو ويو آهي. الهه آباد ۾ مسلمان سماجي ڪارڪن جاويد احمد کي مظاهرن جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏئي گهرڀاتين سميت گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس گهر به پٽ ڪيو ويو. ڀارت جي ٻين شهرن ۾ به مسلمانن جي گهرن کي ڊاٺو پيو وڃي. يو پي جي وڏي وزير يوگي آديتيا ناٿ مسلمانن تي پوليس تي ظلمن جو دفاع ڪندي چيو ته شرپسندن خلاف ڪارروائي ائين ٿيڻ گهرجي جو سڀني لاءِ مثال بڻجي وڃي. ڀارت ۾ گستاخاڻن بيانن خلاف احتجاج ڪندڙ 237 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close