عالمي

ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ برساتن سبب هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر، 100 ڄڻا فوت

نئين دهلي/ڍاڪا: ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ تازين طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي هنيئر تائين فوتين جي انگ سئو کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻوڏ ۾ ڦاٿل لکين متاثر خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ هينئر تائين هزارين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، بنگلاديش جو شهر سهلٽ ۽ ڀارتي رياست آسام سڀ کان وڌيڪ نقصان رڪارڊ ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب شديد برساتن ۽ طوفان سبب متاثر ٿيندڙن جو انگ هڪ ڪروڙ تائين پهچي ويو. يونيسيف موجب ٻوڏ جي صورتحال سبب بنگلاديش جي اتر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه لک ماڻهن سان زميني رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو آهي. موسمياتي ماهرن موجب گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران هاڻوڪي چوماسي جي سيزن ۾ هينئر تائين رڪارڊ ڪئي ويندڙ سڀ کان وڌيڪ طوفاني برساتون پيون آهن. ماحولياتي تبديلي سبب برساتن ۽ ٻوڏ جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button