اسلام آبادعالمي

افغانستان ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت

افغانستان ۾ گذريل ڏينهن آيل زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، جڏهن ته فوتين جو انگ هڪ هزار کان ٽپي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب افغان صوبي پڪتيڪا ۾ گذريل ڏينهن زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي لوڏن جي شدت 6 ڏهائي هڪ کان وڌيڪ هئي، جڏهن ته زلزلي جي نتيجي ۾ هينئر تائين 1000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ، جڏهن ته 600 کان وڌيڪ زخمي آهن. ميڊيا رپورٽن موجب مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته قدرتي آفت جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي فوري امداد لاءِ اسپتال نيو ويو آهي. رپورٽن موجب زلزلي جا لوڏا افغانستان جي 500 ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪيئي علائقن ۾ پڻ زلزلو محسوس ڪيو ويو، جڏهن ته افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل، غزني، پڪتيڪا، خوست، ننگرهار ۾ پڻ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا. امريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز خوست کان 44 ڪلوميٽر پري ۽ 51 ڪلوميٽر اونهو هو، افغان اختيارين موجب زلزلي سبب متاثر علائقن ڏانهن فوري امدادي ٽيمون کي موڪليو ويو آهي. افغان گهرو وزارت جي عهديدار صلاح الدين ايوبي چيو ته اولهه واري صوبي پڪتيڪا ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو فوت ٿيا آهن، جتي 255 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 250 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، فوت ٿيل ماڻهن جي انگ ۾ اضافي جو خدشو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ڳوٺ پري جابلو علائقن ۾ آهن، اتان ڄاڻ وٺڻ ۾ وقت لڳندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button