عالمي

نوپور شرما کي سڄي ملڪ کان معافي وٺڻ جو حڪم

نئين دهلي: ڀارتي سپريم ڪورٽ گستاخاڻو بيان ڏيڻ تي بي جي پي جي معطل اڳواڻ نوپور شرما تي ڪاوڙجي پئي ۽ کيس سڄي ملڪ کان معافي وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس جي شنوائي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ صورتحال خراب ڪرڻ جي ذميوار نوپور شرما آهي تنهنڪري کيس پنهنجي بيان تي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. ڀارتي سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته نوپور شرما جي تڪراري بيان سبب ماڻهن جا جذبا مجروح ٿيا آهن، ملڪ ۾ ڏڦيڙن واري صورتحال پيدا ٿي جنهن جي ذميوار صرف نوپور شرما آهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ جي جسٽس سوريا ڪانت چيو ته اسان نوٽ ڪيو آهي ته هن بحث ۾ ڪهڙي نموني نوپور شرما کي ساراهيو ويو پر جهڙي ريت هن بيان ڏنو ۽ پوءِ چيو ته هوءَ وڪيل آهي اهو انتهائي شرم جوڳو عمل آهي، پنهنجي بيان تي کيس قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. ڀارتي ميڊيا موجب نوپور شرما گستاخاڻي بيان واري معاملي تي پنهنجي خلاف سڄي ملڪ ۾ داخل ڪيسن کي دهلي منتقل ڪرن لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تان هو هٿ کڻي چڪي آهي. سپريم ڪورٽ نوپور شرما طرفان برابري جي سلوڪ واري بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس وڪيل کي چيو ته جڏهن توهان ٻين ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرايا ته کين تُرت گرفتار ڪيو ويو جڏهن توهان جي خلاف ڪيس داخل ٿيا ته ڪنهن ايتري جرئت نه ٿي ته توهان کي هٿ لڳائي. سپريم ڪورٽ چيو ته نوپور شرما وارو بيان سندس ضدي ۽ مغرور ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button