زراعت ۽ ڪاروبارعالمي

آمريڪا ۾ وڏي قد جي ڪوڏن جي دهشت، 2 سالن جي ڪورنٽائين لاڳو

آمريڪي رياست فلوريڊا جي هڪ شهر رچي ۾ وڏي قد جي دهشت ايڏي تھ پکڙجي وئي آهي جو اتي انتظاميا ٻن سال جي ڪورنٽائين پاليسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب آفريقي قسم جي خطرناڪ وڏي قد وارن ڪوڏن جي رچي شهر ۾ اچڻ سبب لاڳو ڪيل ڪورنٽائين مختلف قسمن جي هوندي، جنهن ۾ شهرين کي مٽي، ٻوٽن، ڪچري، عمارت جي ڪنهن ملبي يا تعميراتي سامان جي ويجهو وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

ڪوڏن جو وڏي قد وارو قسم ٻوٽن ۾ موجود آهي

فلوريڊا جي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر ڪرسٽينا چٽي ٻڌايو تھ هن قسم جي ڪوڏ ۾ ريٽ لنگ ورم نالي جيت هوندو آهي، جيڪڏهن اهڙا ڪوڏ انسان کائي يا اهڙن ڪوڏن جي ويجهو ويندو تھ ان سان گردن ٽوڙ بخار ٿي سگهي ٿو. ٻڌايو ويو آهي تھ هي ڪوڏ 8 انچ تائين ڊگها ٿي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تُھ هي ڪوڏ 1960ع ۾ بھ فلوريڊا ۾ آيا هئا، جن مان جان ڇڏائڻ ۾ 10 سال لڳا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button