تل ابيب: آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ايران کي جوهري طاقت بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. آمريڪي صدر جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته ضرورت پوڻ تي ايران خلاف فوجي ڪارروائي به ٿي سگهي ٿي پر اهو آخري آپشن هوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب بائيڊن انتظاميا جي هڪ اعليٰ عهديدار صحافين کي ٻڌايو ته اهو معاهدو آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڊگهي مدي جي سيڪيورٽي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو ڪارڻ بڻجندو. معاهدي تي صحيحن کانپوءِ نيوز ڪانفرنس ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته اسان ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ ان مقصد لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. ان موقعي تي اسرائيلي وزيراعظم ايئر لاپيڊ چيو ته جوهري ايران کي روڪڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته اهو ڄاڻي ڇڏي ته آزاد دنيا ان خلاف طاقت جو استعمال ڪندي. آمريڪي صدر جوهري ايران جي روڪٿام کي اسرائيل ۽ آمريڪا لاءِ سلامتي جو اهم مفاد قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو باقي دنيا جي سلامتي لاءِ به بهترين مفاد ۾ آهي. هوڏانهن ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته ايراني قوم سان ڌمڪين واري لهجي ۾ نٿو ڳالهائي سگهجي. آمريڪا ۽ اسرائيل ۾ ايران کي ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ کان روڪڻ جي معاهدي تي پنهنجي ردعمل ۾ ابراهيم رئيسي چيو ته تهران جي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ ملڪي سلامتي خلاف ڪنهن به قدم جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close