عالمي

وچ اوڀر کي روس ۽ چين لاءِ خالي نه ڇڏيو ويندو: صدر جوبائيڊن

رياض: سعودي عرب جي دوري تي ويل آمريڪي صدر جو بائيڊن سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ملاقات ۾ سعودي جي عسڪري ۽ سيڪيورٽي گهرجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر جو بائيڊن چيو ته وچ اوڀر کي روس ۽ چين لاءِ خالي نه ڇڏيو ويندو، تيل جي رسد ۾ واڌ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. ٻئي پاسي آمريڪا سعودي عرب، مصر ۽ اسرائيل جي سرحد ويجهو اهميت رکندڙ تيران ۽ صنافير ٻيٽ تان امن فوجون واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان علائقي ۾ سياحت کي هٿي ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button