عالمي

ٍٍشاهي خاندان کي وڏو صدمو، راڻي ايلزبٿ 96 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ ٽو سان زندگي وفا نه ڪئي، گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد 96 ورهين جي ڄمار ۾ موڪلائي وئي، جنهن جي وڇوڙي تي برطانوي حڪومت ملڪ ۾ 10 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي ميڊيا موجب شاهي محل بڪنگهم پئلس راڻي ايلزبٿ (ٻي) جي لاڏاڻي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي طبيعت گذريل سال آڪٽوبر کان وٺي ٺيڪ نه هئي، راڻي ايلزبٿ کي هلڻ ڦرڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي. راڻي جي وفات تي برطانوي حڪومت 10 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. برطانوي ميڊيا موجب راڻي جي تدفيق لنڊن برج آپريشن جي خصوصي منصوبي تحت ٿيندي، تابوت کي ريل گاڏي تي سينٽ پينڪراس ريلوي اسٽيشن لنڊن منتقل ڪيو ويندو ۽ ريلوي اسٽيشن کان تابوت ۾ بڪنگهم پئلس آندو ويندو. راڻي ايلزبٿ ٽو جون آخري رسمون 10 ڏينهن بعد ويسٽ منسٽرابي تي ادا ڪيون وينديون، آخري رسمن دوران ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ بعد ۾ راڻي کي ڪنگ جارج ميموريل چيپل ونڊزر ۾ دفنايو ويندو. برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته راڻي جي آخري رسمن واري ڏينهن عام موڪل هوندي، راڻي کي دفنائڻ واري ڏينهن لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج، بئنڪون ۽ ٻيا سمورا اهم ادارا بند رکيا ويندا. هوڏانهن راڻي ايلزبٿ ٽو جي لاڏاڻي بعد سندس وڏو پٽ شهزادو چارلس بادشاهه بڻجي ويندو، جڏهن ته ڪاميلا کي ملڪا جو درجو ملي ويندو. بڪنگهم پئلس طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ڊاڪٽرن راڻي ايلزبٿ ٽو جي طبيعت بابت ڊاڪٽرن ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button