عالمي

انڊونيشيا ۾ 6 ڏهائي 2 جو شديد زلزلو، سونامي جو ڊپ ورائي ويو

انڊونيشيا جي اوڀر واري صوبي پاپوا ۾ 6 ڏهائي 2 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. چيني خابرو اداري انڊونيشين موسميات کاتي ۽ جيوفزڪس ايجنسي جي حوالي سان ٻڌايو ته اوڀر واري صوبي پاپوا ۾ ڇنڇر جي صبح مقامي وقت مطابق 5 لڳي 7 منٽن تي زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ممبرامو ضلعي ۾ ممبراموٽينگ جي اتر اولهه ۾ 37 ڪلوميٽر پري 10 ڪلوميٽر زمين جي اونهائي ۾ هو. زلزلي بعد سونامي جي وارننگ جاري ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو اطلاع مليو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button