عالمي

دنيا ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو جديد غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور

پورهيتن بابت عالمي تنظيم انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته سال 2021ع تائين سڄي دنيا ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو جديد غلامي واري زندگي گذاري رهيا هئا، جن مان 2 ڪروڙ 80 لک جبري مزدور ۽ 2 ڪروڙ 20 لک اهڙا ماڻهو شامل هئا، جن کي جبري طور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ڦاسايو ويو. آئي ايل او طرفان شايع ٿيل رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گذريل 5 ورهين ۾ جديد غلامي ۾ مبتلا ماڻهن جي انگ ۾ هڪ ڪروڙ جو اضافو ٿيو آهي، جن مان عورتون ۽ ٻار سراسري طور وڌيڪ غير محفوظ آهن، دنيا جو ڪو به خطو جبري پورهئي کان محفوظ ناهي، ايشيا ۽ پيسفڪ ۾ اڌ کان وڌيڪ يعني هڪ ڪروڙ 51 لک ماڻهو، يورپ ۽ وچ ايشي ۾ 41 لک، آفريڪا ۾ 38 لک، آمريڪا ۾ 36 لک ۽ عرب رياستن ۾ 9 لک ماڻهو جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، عرب رياستن ۾ جبري مزدورن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي، جن جو انگ هڪ هزار مان 5 ڏهائي 3 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جبري مزدورن مان اڌ کان وڌيڪ يا ته وچولي آمدني يا وڌيڪ ڪمائيندڙ ملڪن ۾ موجود آهن. عالمي سطح تي جبري شادين ۾ رهندڙ مردن، عورتن ۽ ٻارن جي انگ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي، 2016ع ۽ 2021ع جي وچ ۾ جبري طور پرڻيل ماڻهن جي انگ ۾ 66 لک جو اضافو ٿيو، ايشيا ۽ پيسفڪ ۾ جبري طور پرڻيل هڪ ڪروڙ 42 لک ماڻهو موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button