عالمي

برطانوي راڻي ايلزبيٿ جي نالي تي عمرو ڪندڙ يمني شهري سوگهو

رياض: برطانيا جي مرحومه راڻي ايلزبيٿ لاءِ عمرو ادا ڪندڙ يمني شهري کي سعودي حڪومت طرفان گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سعودي اختيارين طرفان گرفتار ڪيل يمني همراهه جي دعويٰ آهي ته هو برطانوي راڻي جي روح کي سڪون پهچائڻ لاءِ عمرو ادا ڪرڻ مسجد الحرام ويو هو، ڄاڻايل شخص طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو پڻ پوسٽ ڪئي وئي آهي. ويڊيو ۾ هو بينر کنيو مڪي شريف ۾ موجود هو جنهن تي لکيل هو ته مان برطانوي راڻي ايلزبيٿ ٻئين جي لاءِ عمرو ادا ڪيو، ڌڻي در دعاڳو آهيان ته هو راڻي کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ راڻي جو ڳاڻيٽو نيڪ ٻانهن ۾ ڪري. سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو تي ماڻهن طرفان سخت تنقيد ڪندي سندس فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو. جنهن بعد سعودي اختيارين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ان همراهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته برطانوي راڻي اليزبيٿ اٺ سپٽمبر تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي، سندس آخري رسمون ويسٽ منسٽر ايبي ۾ اڻويهين سپٽمبر تي ادا ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button