عالمي

لبنان ۾ ڀيڻ جي علاج خاطر پريشان عورت جو بئنڪ مان ڌاڙو

لبنان ۾ بيمار ڀيڻ جي علاج لا پريشان عورت بئنڪ کي ڌاڙو هڻڻ پهچي وئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق سالي حافظ نالي هڪ عورت جي بئنڪ مان ڦرلٽ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي لائيو ڏيکاري وئي، وڊيو ۾ عورت کي بئنڪ ۾ داخل ٿي رڙيون ڪندي ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو. سالي حافظ جو چوڻ هو ته بئنڪ ۾ پئسا وٺڻ آئي آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجي ڀيڻ جو ڪينسر سبب اسپتال ۾ علاج هلي رهيو آهي، جنهن تي 50 هزار رپيا خرچ ايندو. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪ ۾ ڪنهن کي مارڻ يا گوليون هڻڻ نه آئي آهيان، منهنجو مطالبو صرف پنهنجو حق وٺڻ آهي. ٻئي طرف ڦر واقعي بعد سالي حافظ هڪ ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته کيس بئنڪ مان 13 هزار ڊالر مليا، جڏهن ته سندس خاندان جا 20 هزار ڊالر ساڳي برانچ ۾ جمع ٿيل آهن، هن ڦر واردات لا رانديڪي واري پستول استعمال ڪرڻ جو انڪشاف پڻ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button