عالمي

فرانس جو پيرسن اسپائيڊر مين بنا سهاري جي 48 ماڙ عمارت تي چڙهي ويو

فرانس جي اسپائيڊر مين طور شهرت ماڻيندڙ 60 ورهين جو ايلن رابرٽ ملڪ جي 48 ماڙ اوچي عمارت جي چوٽي تائين بنا سهاري ۽ حفاظتي ڪٽ جي چڙهي ويو آهي، جنهن کي بعد ۾ پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

فرينچ اسپائيڊر مين بنا سهاري عمارت تي چڙهي رهيو آهي

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پيرسن ايلب رابرٽ ڪنهن رسي جو سهارو وٺڻ يا ڪنهن حفاظتي ڪٽ بنا پيرس جي بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ ٽوٽل انرجيز نالي ٽاور جي اوچائي کي فتح ڪري وڏو ڪارنامو ڪري ويو آهي. ڪارنامو سرانجام ڏيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ايلن رابرٽ جو چوڻ آهي تھ دنيا جي ماڻهن کي پيغام ڏيڻ چاهيو آهي تھ 60 سال عمر ڪو مسئلو ناهي، ماڻهو متحرڪ رهي سگهي ٿو ۽ اوهان شاندار ڪم ڪري سگهو ٿا.

فرينچ اسپائيڊر مين کي پوليس حراست ۾ وٺي ويندي

هن جو چوڻ هو تھ مان دنيا کي موسمياتي تبديلين بابت آگاهي ڏيڻ جو پڻ ارادو رکان ٿو. هوڏانهن ايلن رابرٽ کي پوليس حراست ۾ ورتو آهي، جنهن خلاف اجازت بنا عمارت تي چڙهڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو. ياد رهي تھ ايلن رابرٽ ان کان بھ ڪيترين ئي بلند عمارتن تي چڙهي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button