آمريڪي صدر جو بائيڊن جي دل ڪرسي ۽ عهدو ڇڏڻ لا تيار ناهي، تنهن ڪري هن ٻئي مدي لا صدارتي چونڊ وڙهڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي اخبار مطابق صدر جو بائيڊن ٻي مدت لا اليڪشن وڙهڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو آهي ته ٻئي مدي لا صدارتي چونڊ وڙهڻ جو ارادو ضرور اٿس پر حتمي فيصلو ٿيڻ اڃا باقي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب جو بائيڊن هلندڙ سال نومبر ۾ 80 ورهين جو ٿي ويندو ۽ عمر جي ان حصي ۾ هن لا ٻيهر چونڊ وڙهڻ آسان نه هوندو. ياد رهي ته جو بائيڊن 20 جنوري 2021ع تي 46هين آمريڪي صدر طور پنهنجي عهدي جو قسم کنيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close