عالمي

يورپي يونين ٻوڏ متاثرن جي وڌيڪ امداد جي خاطري ڪرائي ڇڏي

يورپي يونين پاڪستان کي ٻوڏ متاثرن لا تمام جلد وڌيڪ امداد موڪلڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وانڊرلين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان سائيڊ لائين ملاقات بعد پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي بيان جاري ڪندي چيو ته هن ملاقات ۾ مون وزيراعظم شهباز شريف تائين خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرن لاءِ پنهنجو ذاتي تعزيتي پيغام پهچايو. هن شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته يورپي ڪميشن اوهان سان گڏ آهي، اسان پاڪستانين جي مدد لاءِ ايندڙ ڪجهه هفتن اندر نئين امداد سان گڏ اڳتي اينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button