بنگلاديش ۾ هندو ياترين جي ٻيڙي ڪاراتويا درياهه ۾ ٻڏڻ ڪري 24 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ ٻڏي ويل ياترين جي ڳولا جاري آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق پوليس جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ 50 کان وڌيڪ هندو ياتري سوار هئا، جن مان ڪيترائي لاپتا آهن، ٻيڙي هڪ آبادي ويجهو درياهه ڪناري سان ٻڏي آهي، جڏهن ته هندو ياتري مذهبي ڏڻ تي بوديشوري مندر وڃي رهيا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close