عالمي

ڪيمسٽري جو نوبيل انعام عورت سميت ٽن سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان

2022ع ۾ ڪيمسٽري جو نوبيل انعام هڪ عورت سميت 3 سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، انعامي رقم به ٽنهي ۾ هڪ جيتري ورهائي ويندي. سوئيڊن جي اڪيڊمي آف سائنسز جي اعلان مطابق ڪيمسٽري جو نوبيل انعام آمريڪا واسي ڪيرولين برتوزي، بيري شارپ ليس ۽ ڊينمارڪ واسي مارٽن ميلڊل جي نالي ڪيو ويو آهي. آمريڪا جو بيري شارپ ليس ٻيو ڀيرو نوبيل انعام ماڻيندڙ پنجين شخصيت بڻجي ويو آهي. ٽنهي سائنسدانن ڪلڪ ڪيمسٽري ۽ بايو آرٿوگنل ڪيمسٽري تي ڪم ڪيو آهي. انعام کٽيندڙ سائنسدانن کي 10 ملين سوئيڊش ڪرونا (80 لک پائونڊ) جي انعامي رقم گڏيل طور تي ڏني ويندي. ياد رهي ته گذريل سال ڪيمسٽري جو ايوارڊ ٻن سائنسدانن کي ماليڪيولز جي تعمير لاءِ اوزار تيار ڪرڻ تي ڏنو ويو هو. ان کان اڳ نوبيل ڪميٽي انساني ارتقا تي ڪم ڪرڻ تي سوانتي پابو کي طب جي نوبيل انعام سان نوازيو هو. ڪميٽي طرفان اعتراف ڪيو ويو ته هن ڀيري نوبيل انعام وڌيڪ پيچيدا ڪم ڪندڙ ماهرن کي ناهي ڏنو ويو پر هينئر آسان تجربا ۽ طريقيڪار دريافت ڪندڙن کي انعام ڏنو ويو آهي. نوبيل ڪميٽي گذريل سال به ڪميمسٽري جو انعام آمريڪا ۽ جرمني جي ٻن سائنسدانن کي ڏنو هو.
ڪيمسٽري/نوبيل انعام

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button