عالمي

فرانسيسي ليکڪا ايني ايرنو ادب جو نوبل انعام کٽي ورتو

فرانس سان تعلق رکندڙ ليکڪا ايني ايرنو سال 2022ع لا ادب جو نوبل انعام کٽي ورتو آهي. ادب جي نوبيل انعام جي فاتح جو فيصلو 18 رڪني سوئيڊش اڪيڊمي ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ليکاري جي سڄي حياتي جي ادبي پورهئي کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي. هن ڀيري فرانسيسي ليکڪا ايني ايرنو کي ادب جو نوبل انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، جيڪا انساني زندگي سان لاڳاپيل واقعن ۽ حادثن کي ناول جو روپ ڏيندي آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي مڃيل ليکڪا آهي. 1940ع ۾ جنم وٺندڙ ايني ايرنو ننڍپڻ هڪ ننڍڙي علائقي يووٽوٽ ۾ گذاريو ۽ پنهنجي تعليم رائوين يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، جنهن بعد سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد طور خدمتون ڏنيون. هن 1977ع کان 2000ع تائين هڪ يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور ڪم ڪيو. ايني ايرنو جو پهريون ناول 1974ع ۾ منظرعام تي آيو پر کيس چوٿين ناول “مينز پليس” تمام گهڻي مقبوليت ڏياري. ايني ايرنو جا لکيل ٻه ناول “اي مينز پليس” ۽ “اي وومينز اسٽوري” فرانس ۾ ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button