عالمي

ٿائلينڊ ۾ جنوني شخص ننڊ ستل 23 ٻارن سميت 38 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

ٿائلينڊ ۾ پوليس کاتي جي اڳوڻي آفيسر ٻارن جي نرسري ۾ فائرنگ ڪري 23 معصوم ٻارن ۽ زال سميت 38 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار رتوڇاڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٿائلينڊ جي اترئين علائقي نونگ بوا لامفو ۾ چائلڊ ڊي ڪيئر سينٽر (ٻارن جي نرسري) اندر هڪ جنوني شخص داخل ٿي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 23 ٻارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 38 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي حياتي وڃائي ويٺا. مقامي پوليس عملدارن موجب اسپتال ۾ فائرنگ ڪندڙ هٿياربند شخص اڳوڻو پوليس اهلڪار هو، جنهن فائرنگ جي واقعي بعد پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. پوليس مطابق حملي ۾ 12 ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، جن کي نونگ بوا لامفو جي ضلعي اسپتال ۾ داخل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. مقامي ميڊيا طرفان رتوڇاڻ واري واقعي بعد عوام کي رت جا عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. ٻئي طرف حملو ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ پانيا ڪمرب جي نالي سان ٿي آهي، جنهن کي واقعي بعد هڪ اڇي رنگ جي ٽويوٽا پڪ اپ گاڏي ۾ فرار ٿيندي ڏٺو ويو، پوليس جوابدار جي ڳولا لا سندس پيڇو ڪيو ته هن نه صرف زال کي گوليون هڻي قتل ڪيو پر پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس مطابق جوابدار نرسري ۾ ٻارن ۽ بالغ ماڻهن تي گوليون هلايون ۽ پاڻ سان گڏ آندل چاقو سان پڻ وار ڪيا، حملو ڪندڙ جو مقصد غير واضح آهي پر کيس پوليس کاتي جي نوڪري مان گذريل سال برطرف ڪيو ويو هو، جوابدار تي نشو ڪرڻ جا الزام هئا ۽ ان حوالي سان هو عدالت ۾ هڪ ڪيس جي شنوائي تي پڻ ويندو رهندو هو. پوليس موجب جوابدار ان ڪمري ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي جتي ٻار ستل هئا، نرسري وارڊ ۾ پنهنجو ٻار نه ڏسي جوابدار مڇرجي پيو، هن پنهنجي گهر واپس ويندي ٻاهر بيٺل ماڻهن تي گاڏي چاڙهي ڇڏي، جڏهن ته گهر واپس پهچڻ بعد پنهنجي زال ۽ ٻار کي به ماري ڇڏيو. هوڏانهن ٿائلينڊ جي وزيراعظم پريوٿ چان اوچا چائلڊ نرسري ۾ رتوڇاڻ کي دل ڌوڏيندڙ واقعو قرار ڏيندي پوليس ڪمانڊر کي فوري طور تي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. مقامي ميڊيا موجب اها نرسري اصل ۾ هڪ ڊي ڪيئر سينٽر آهي، جتي گهڻو ڪري نوڪري ڪندڙ ماڻهو پنهنجي ننڍي ڄمار وارن ٻارن کي ڏينهن جي وقت سار سنڀال لا ڇڏي ويندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button