سال 2022ع ۾ امن جي نوبل انعام لا ٻن تنظيمن سميت گڏيل طور تي 3 نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. نوبل انعام حاصل ڪندڙن ۾ بيلاروس سان تعلق رکندڙ انساني حقن جو ڪارڪن ايلس بيالياٽسڪي، روس جو ميموريل گروپ ۽ يوڪرين جو سينٽر فار سول لبرٽيز شامل آهن. ايوارڊ لا چونڊيل ڪارڪن ايلس بيالياٽسڪي هن وقت حراست هيٺ آهي. ناروي جي نوبل ڪميٽي سربراهه بيرٽ ريس اينڊرسن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جنگي ڏوهن، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ طاقت جي غلط استعمال کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لا شاندار ڪوشش ڪئي آهي، هن بيلاروس کان مطالبو ڪيو ته گذريل هڪ سال کان جيل ۾ قيد 60 ورهين جي ڪارڪن بيالياٽسڪي کي آزاد ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close