آمريڪي صدر جو بائيڊن خبردار ڪيو آهي ته دنيا کي سرد جنگ بعد پهريون ڀيرو ايٽمي جنگ جي خطرن کي مُنهن ڏسڻو پوندو. فرانس جي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر نيويارڪ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن روسي صدر ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي ڏئي ٿو ته اهو مذاق ناهي هوندو. هن روسي صدر طرفان ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي کان پيدا ٿيندڙ خطرن جي باري ۾ تبصرو ڪندي چيو ته ڪيوبن ميزائل بحران بعد پهريون ڀيرو اسان ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو سڌو سنئون خطرو آهي. هن چيو ته اسان کي اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته روسي صدر جي حڪمت عملي ڇا هوندي. ياد رهي ته ڪيوبن ميزائل بحران 1962ع دوران سامهون آيو ۽ اها سرد جنگ جي خطرن جي دؤرن مان هو، ان وقت آمريڪي صدر جان ايف ڪئنيڊي ڪيوبا ۾ سوويت ميزائلن جي موجودگيءَ جو اعلان ڪيو. ان بحران بعد دنيا ايٽمي جنگ جي چائنٺ تي پهچي وئي، ان بعد ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي نقصانن تي پڻ بحث شروع ٿي وئي هئي. تازو ئي روسي صدر ولادي ميرپيوٽن يوڪرين ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي ڏني آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته روس طرفان محدود پيماني تي ايٽمي هٿيارن جو استعمال ٿيندو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن خبردار ڪندي چيو ته ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي تباهي وڏي پيماني تي پکڙبي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close