عالمي

47 سالن ۾ دنيا جي آبادي ٻيڻي، 15 نومبر تي 8 ارب انسان ٿي ويندا

هلندڙ مهيني 15 نومبر تي دنيا جي آبادي 8 ارب ٿي ويندي، اهڙو انڪشاف گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اهو ڪاٿو لڳايو ويو ته 15 نومبر اهو ڏينهن هوندو جڏهن دنيا جي ڪل آبادي 15 ارب تائين پهچي ويندي. رپورٽ مطابق 1800ع جي شروعات ۾ انساني آبادي هڪ ارب تائين پهتي ۽ 1928ع ۾ ٻه ارب جو انگ پار ڪيو هو. دنيا جي آبادي 1975ع ۾ 4 ارب ۽ هاڻي 8 ارب تائين پهچندي، يعني 47 سالن ۾ انساني آبادي ٻيڻي ٿيڻ واري آهي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته دنيا جي آبادي ۾ واڌ جو سبب انساني ڄمار ۾ آهستي آهستي ٿيندڙ اضافو آهي، ڇاڪاڻ ته صحت، کاڌ خوراڪ، ذاتي صفائي ۽ دوائن جو نظام بهتر ٿيو آهي، اهڙي طرح ڪجهه ملڪن ۾ ڄم جي شرح وڌڻ جو تسلسل به برقرار آهي. عالمي اداري موجب دنيا جي آبادي کي 7 ارب کان 8 ارب تائين پهچڻ ۾ 12 سال لڳا، جڏهن ته 9 ارب جي منزل تائين پهچڻ ۾ (2037ع تائين) 15 سال ٻيا لڳي ويندا. گڏيل قومن پنهنجي ويب سائيٽ تي 15 نومبر کي 8 ارب جو ڏينهن به قرار ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button