آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ هلندڙ سال جي غيرمعمولي برفباري ٿي آهي، جنهن سبب زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق نيويارڪ رياست جي اولهندي علائقي بيفالو ۾ شديد برف پئجي رهي آهي، مليل انگن اکرن موجب هن وقت تائين 6 فوٽن کان وڌيڪ برفباري ٿي چڪي آهي. جڏهن تھ لاڳيتو پوندڙ برف سبب گهٽين، روڊن ۽ رستن تي برف جا تهه ڄمي ويا آهن،
جنهن سبب ٽرانسپورٽ بند ٿي وئي آهي. هوڏائي موسم شديد خراب هجڻ ڪري ڪيتريون ئي هوائي اڏامون معطل ڪيون ويون آهن، تنهنڪري هوائي اڏن تي وڏي تعداد مسافر ڦاسي پيا آهن. هوڏانهن برفباري سبب بجلي ۽ مواصلات جو نظام ڊنواڊول ٿي ويو آهي، جنهن بعد ڪيترن ئي گهرن جي بجلي بند ٿي آهي.