ٽوئيٽر جي مالڪ کرب پتي واپاري ايلون مسڪ کان دنيا جي سڀ کان شاهوڪار انسان جو اعزاز کسجي ويو، سندس جا فرانس واسي برنارڊ آرنلٽ والاري ورتي آهي. فوربز ۽ بلوم برگ طرفان دنيا جي سڀ کان امير شخصيت جي نئين جاري ڪيل فهرست ۾ برنارڊ آرنلٽ کي هن وقت سڀ کان شاهوڪار ماڻهو قرار ڏنو ويو آهي. ملٽي نيشنل گڊز ڪمپني ايل وي ايم ايڇ ۾ سي اي او طور ذميواريون نڀائيندڙ برنارڊ ان کان اڳ 7 ۽ 8 ڊسمبر تي به ڪجهه ڪلاڪن لا ايلون مسڪ کي پوئتي ڇڏيو هو، 73 سالن جو آرنلت 188 ڏهائي 6 ارب ڊالرن جي ملڪيت ۽ اثاثن سان دنيا جو سڀ کان شاهوڪار انسان بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ايلون مسڪ هن وقت 176 ڏهائي 8 ارب ڊالرن جو مالڪ آهي. ايلون مسڪ کي دنيا جي سڀ کان شاهوڪار شخص جو لقب 2021ع ۾ مليو هو، جيڪو هن ايمازون ڪمپني جي باني جيف بيزوس کان کسيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close