عالمي

سريلنڪا فوج کي معيشت تي بار قرار ڏئي ڇڏيو، انگ اڌو اڌ گهٽائڻ جو فيصلو

ڏيوالي جو شڪار ۽ بدترين معاشي بحران کي منهن ڏيندڙ سريلنڪا جي حڪومت پنهنجي فوج جو انگ اڌو اڌ گهٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سريلنڪا جي بچاءَ واري وزير پريميٿا بندارا ٿينڪون هڪ بيان ۾ چيو آهي ته فوج جا خرچ بنيادي طور تي رياست جا خرچ آهن جيڪي اڻ سڌي طور قومي ۽ انساني سلامتي کي يقيني بڻائي معاشي ترقي جون راهون کولين ٿا ۽ حوصلا افزائي پڻ ڪن ٿا. هن چيو ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوج جو انگ اڌو اڌ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن خرچن ۾ لاٿ آڻي سگهجي. هن چيو ته سريلنڪا ايندڙ سال تائين پنهنجي فوج هڪ ڀاڱي گهٽائي هڪ لک 35 هزار ڪندو، جڏهن ته 2030ع تائين فوج جو انگ هڪ لک ڪري ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button