سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي عالم، ماهر ۽ تعليمدان ڊاڪٽر غلام علي الانا جي پهرين ورسي جي موقعي تي “ڊاڪٽر غلام علي الانا جون سنڌي ٻولي لا ڪيل خدمتون” جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت ڪندي ناليواري اسڪالر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جو وڇوڙو مون لا ذاتي صدمي جو سبب آهي، الانا صاحب ٻولي ۽ لسانيات جي هر موضوع تي جامع ۽ تحقيقي بنيادن تي ڪم ڪيو، ٻيو ڪو به اهڙو عالم ناهي جنهن هر موضوع تي ائين ڪم ڪيو هجي. هن اعلى معيار جا تحقيقي ڪتاب لکيا ۽ سنڌي ٻولي لا تمام وڏو ذخير ڏنو. هو سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو ۽ ان عشق سان آخري گهڙي تائين نڀا ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته ڊاڪٽر الانا صاحب جهڙا ماڻهو صدين ۾ جنم وٺندا آهن، کين صدين تائين ياد رکيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close