سنڌ

ڊاڪٽر غلام علي الانا ٻولي ۽ لسانيات تي تحقيقي ڪم ڪيو:فهميده حسين

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي عالم، ماهر ۽ تعليمدان ڊاڪٽر غلام علي الانا جي پهرين ورسي جي موقعي تي “ڊاڪٽر غلام علي الانا جون سنڌي ٻولي لا ڪيل خدمتون” جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت ڪندي ناليواري اسڪالر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جو وڇوڙو مون لا ذاتي صدمي جو سبب آهي، الانا صاحب ٻولي ۽ لسانيات جي هر موضوع تي جامع ۽ تحقيقي بنيادن تي ڪم ڪيو، ٻيو ڪو به اهڙو عالم ناهي جنهن هر موضوع تي ائين ڪم ڪيو هجي. هن اعلى معيار جا تحقيقي ڪتاب لکيا ۽ سنڌي ٻولي لا تمام وڏو ذخير ڏنو. هو سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هو ۽ ان عشق سان آخري گهڙي تائين نڀا ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته ڊاڪٽر الانا صاحب جهڙا ماڻهو صدين ۾ جنم وٺندا آهن، کين صدين تائين ياد رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button