سنڌ

سنڌ کي پٿر جي دور ۾ جيئڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي:اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ سميت پوري پاڪستان جو عوام ٻن چڪين ۾ پيسجي رھيو آھي، حڪمرانن کي پنھنجون پاليسيون تبديل ڪرڻيون پونديون، وزيراعظم ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائي. سنڌ کي پٿر جي دور ۾ جيئڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. پاڪستان ۽ سنڌ جا ظالم سردار ۽ ڪرپٽ وڏيرا عوام جا دشمن آھن. سنڌ جي زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين. عمرڪوٽ جي ڀٽائي ھال ۾ جشن لطيف کي صدارتي خطاب ڪندي ۽ ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ ڀٽائي سنڌ جو فڪري رھبر آھي. شاهه عبداللطف ڀٽائي آدرشي انسانن کي مقصد سان ڪميٽميٽ ۽ سچائي سان بيھڻ سيکاري ٿو. ڀٽائي دشمن سان ويڙهه ۽ وطن ۽ پنھنجن سان جڙڻ جو سبق ڏنو آھي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڌيئون ۽ پٽ ڏيندڙ درويش نه پر انقلابي فڪري رھبر آھي. نوجوان لطيف کي پڙھن. سنڌ جا ماڻھو ڀٽائي جي فڪري واٽ تي ھلن. ڀٽائي جي سنڌ ڪرپٽ مافيا جي گھيري ۾ آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button