سنڌ

ايم ڪيو ايم وارا نظام بدران پاڻ تبديل ٿي ويا:خالد مقبول

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي نظام ۾ تبديلي لا موڪليو پر اعتراف ڪيان ٿو ته نظام جي تبديلي بدران اسان تبديل ٿي وياسين. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ حب الوطن اهو چيو ويندو آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ ٽئڪس ڏيندو آهي، لاهور جا دڪاندار گڏجي جيترو ٽئڪس ڏيندا آهن ايترو ٽئڪس ته هڪ لياقت آباد ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ منعقد “اربن گريجوئيٽ ڪانفرنس” کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تعليم اسان جو زيور آهي، سٺي وقت جي تياري لا تعليم ۽ شعور سڀ کان اهم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button