پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، دمبالو ڪلب فائنل کٽي ورتو

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ زندگي فائونڊيشن جي سي اي او رزاق حيدر ۽ عرفان زمان طرفان چانگ ڪرڪيٽ ڊگهڙي با پاس تي ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنهن ۾ ڪل 16 ٽيمن حصو ورتو، ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ الغازي ڪرڪيٽ ڪلب ڊگهڙي ۽ سپر ڪنگ دمبالو جون ٽيمون پهتيون، فائنل ميچ جو مهمان خاص ڊي ايس پي ڊگهڙي مير آفتاب ٽالپر هو، ٻين مهمانن ۾ صدر پريس ڪلب سيد علي شاهھ، صفدر علي خان قائمخاني، ڪامريڊ نيمداس ڪولهي، سينيئر صحافي بختيار علي شاهھ، استاد محمود قائمخاني، سيد دانيال شاھه، اعجاز سردار گڊو، محمد بخش ڪپري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. فائنل ميچ دمبالو ڪرڪيٽ ڪلب کٽي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ان موقعي تي ڊي ايس پي ڊگهڙي مير آفتاب ٽالپر، زندگي فائونڊيشن جي سي اي او رزاق حيدر، عرفان زمان ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته راندين جا ميدان آباد ٿيڻ سان اسپتالون ويران ٿينديون ۽ نوجوان طبقو خراب عادتن کان بچي سگهندو، هن قسم جا ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائڻ سان راندين کي هٿي ملندي ۽ نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جا موقعا ملندا. آخر ۾ رنر ٽيم، ونر ٽيم ۽ ٽورنامينٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ روڪ انعام ورهايا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button