پاڪستانسنڌ

نفيس نگر ۾ وارابندي سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران

نفيس نگر: مٺڙائو ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ سبب نئون ڪوٽ سب ڊويزن ۾ ٽي هفتا وارابندي ڪرڻ سبب نفيس نگر شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿي ويو آهي. وارابندي دوران شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي اسٽاڪ نه ٿيڻ ۽ گذريل 8 سالن کان ٺهيل واٽر سپلاءِ هينڊ اوور نه ٿيڻ سبب شهر توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي ناياب ٿي ويو آهي، جنهن ڪري رهواسي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ مختلف هنڌن تي دربدر بڻيل آهن. ان حوالي سان شهرين نور احمد آرائين، پوڙهو نواز ٽنگڙي، عطاالله لاشاري، دودو آٿيلو، جمن چانڊيو ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ گذريل هڪ هفتي کان پيئڻ جو پاڻي ناهي، شهر ۾ ڪربلا جهڙي صورتحال آهي، شهر ۾ واحد ڪچو تلا آهي، جنهن ۾ هڪ هفتي کان پاڻي ناهي، اسان تڪ جي چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا کي شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير به نوٽيس نٿو وٺي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته جلد واٽر سپلا چالو ڪري پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button