اسلام آبادپاڪستان

نئين ڪرونا کي روڪڻ ناممڪن قرار، پاڪستان به متاثر ٿيندو: اسد عمر

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سربراهه اسد عمر ڪرونا جي نئين ويرينٽ اومي ڪرون کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ کي ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪرونا جو نئون ويرينٽ انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي ۽ نئين قسم جي حوالي سان اين سي او سي ڪجهه فيصلا ڪيا آهن، هاءِ رسڪ ايرياز ۾ ٽيسٽنگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ ڪرونا ٽيسٽنگ ۾ به تيزي آڻڻ ۽ اثرائتو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نئين قسم کي ڪنٽرول لاءِ قدم کنيا پيا وڃن پر نئين قسم کان بچاءَ لاءِ ويڪسينيشن ئي اڪيلو ذريعو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button