پاڪستانپنجاب

ڪرتاپور جي گردواري ۾ ماڊلنگ ۽ فوٽوشوٽ تي شديد تنقيد، بوزدار نوٽيس ورتو

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سکن جي مذهبي هنڌ ڪرتارپور گردوارا جي احاطي ۾ ماڊلنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. سکن جي مذهبي هنڌ ڪرتارپور صاحب جي احاطي ۾ ماڊلنگ تي وفاقي وزير فواد چوڌري تنقيد ڪئي. هن ڊزائينر ۽ ماڊل کان سک برادري کان معافي جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته اهو ڪو فلم سيٽ ناهي، هڪ مذهبي هنڌ آهي. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري واقعي جي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي. ان حوالي سان جاچ ان وقت شروع ڪئي وئي جڏهن آزاداڻي بنيادن تي ڪم ڪندڙ ڀارتي سک صحافي رويندر سنگهه روبن ماڊل جي تصويرن کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته لاهور جي عورت طرفان پاڪستان ۾ ڪرتاپور ۾ گردواري جي احاطي ۾ بنا مٿو ڍڪڻ جي ماڊلنگ ڪرڻ سان سکن جا مذهبي جذبا شديد مجروح ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button