پاڪستانسنڌ

غلام نبي شاهه ۾ زميندار جي زيادتين خلاف هارين جو مظاهرو

غلام نبي شاهھ: غلام نبي شاهھ ۾ الله والا چوڪ تي ڳوٺ 5 ھيرل جي رھواسين اوڏ برادري جي هارين رامچند اوڏ، سچو، سائينداد، لڇمڻ، صدوري، مارفان، خاتو ۽ ٻين زميندار پريم ساگر مالھي جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثرن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته پريم ساگر مالھي اسان جي پوکيل فصلن جي بچت نٿو ڏي، فصل لھي ويا آهن، سمورن زميندارن حساب ڪتاب ڪري ڇڏيا آھن، پر زميندار ساگر مالهي حساب نٿو ڪري، جيڪو اسان سان ظلم آهي، اسان کي ماني ٽڪي جا پئسا به نٿو ڏي، زميندار جي ظلم کان تنگ ٿي احتجاج ڪريون پيا. هنن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته زميندار جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button