پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ڄارونڀڙي ۾ طبي ڪئمپ، 12 سئو مريضن جي چڪاس

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ لڳ ڳوٺ ڄارونڀڙي ۾ ميگھه ملهار سهڪار سٿ طرفان هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح مقامي سماجي اڳواڻ تماچي ميگهواڙ ۽ ٻين ڳوٺاڻن ڪيو، ڪئمپ ۾ ليڊي ڊاڪٽرن سميت مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر لونگ راٺوڙ، ڊاڪٽر هرچند راءِ سکاڻي، ڊاڪٽر دلپت راءِ، ڊاڪٽر رميلا راٺوڙ، ڊاڪٽر سمترا پرهياڙ، ڊاڪٽر ساجن سارنگ، ڊاڪٽر شنڪر لال جيساڻي، ڊاڪٽر خوشي رام پرهياڙ، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار موراڻي ۽ ڊاڪٽر پرمانند سولنڪي 1247 مريضن جو علاج ڪيو. ان موقعي تي سمورن مريضن کي مفت ۾ دوائون پڻ ڏنيون ويون، ڪئمپ ۾ الٽراسائونڊ، اي سي جي ۽ ليبارٽري جي سهولت پڻ موجود هئي، اکين جي نظر جي چڪاس ڪري مريضن کي مفت ۾ عينڪون ڏنيون ويون. ميگھه ملهار سهڪار سٿ طرفان سمورن ڊاڪٽرن، اسٽاف ۽ رضاڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button