پاڪستانپنجاب

ڪرپشن کي برائي نه سمجهيو وڃي ته معاشري ۾ محنت ڪير ڪندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن ڪرپشن کي برائي نه سمجهيو وڃي ته معاشري ۾ محنت ڪير ڪندو، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ چورن کي برو نٿو سمجهيو وڃي، ججن جي سيمينار ۾ سپريم ڪورٽ مان سزا يافته شخص کي چيف گيسٽ طور گهرايو ويو. جهلم ۾ القادر يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ڪلونيل ازم سبب مسلمان دنيا ۾ ذهني غلام آهن ۽ اسان جي تعليمي نظام ۾ فرق ترقي سڀ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ بڻيو. وزيراعظم چيو ته ڪرپشن کي برائي نه سمجهندڙ معاشرو ڪڏهن نٿو هلي سگهي، جڏهن ليڊر ملڪ جو پئسو چوري ڪندو آهي ته ان تي الله جو عذاب ايندو آهي. عاصمه جهانگير ڪانفرنس جي حوالي سان عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن بابت هڪ سيمينار لاهور ۾ ٿيو، ان ۾ سزا يافته شخص کي چيف گيسٽ طور گهرايو ويو، ان سان پيغام ويو ته ڌاڙو هڻڻو آهي ته وڏو هڻو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button