پاڪستانخيبرپختونخوا

شهباز شريف وک وڌائي عمران حڪومت ڪري پوندي: پيپلزپارٽي

پشاور: پ پ اڳواڻن چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ سمورا آئيني ۽ قانوني رستا اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اپوزيشن ليڊر قدم وڌائي ته عمران خان جي حڪومت ڪِري پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پشاور ۾ پارٽي اڳواڻن سعيد غني ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پ پ سڀاڻي (اڄ) 54 هون يوم تاسيس ملهائي رهي آهي نيئر بخاري چيو ته پي ڊي ايم ته اسان ٺاهي، اسان ان کي ناهي ڇڏيو، پي ڊي ايم هاڻ پ پ ۽ اي اين پي بنا پي ڊي ايم ناهي، اسان جي موقف سبب اپوزيشن کي ڪاميابيون مليون، اهي اسان جي ايجنڊا تي عمل ڪن ته سڀني کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته اسان عمران خان جي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ سڀ آئيني ۽ قانوني رستا اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اپوزيشن ليڊر اڳتي وڌي ته عمران خان جي حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button