سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو وين ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب پيرسن فوت

لاڙڪاڻي ۾ تيز رفتار وين ۽ ٽريڪٽر ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ سبب پيرسن فوت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. لاڙڪاڻي جي آريجا ڦيڙو باءِ پاس وٽ تيز ر فتار ڊوم وين ۽ سارين سان ڀريل ٽريڪٽر ۾ ٽڪر سبب هڪ مسافر 55 ورهين جو تسليم راجپوت فوت جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين 30 ورهين جو ڊرائيور محمد اڪرم، 28 ورهين جو محمد ارشد، 32 ورهين جو محمد عمر، 40 ورهين جو محمد سجاد جو علاج جاري آهي، ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. حادثي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور سارين سان ڀريل ٽريڪٽر ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس سارين سان ڀريل ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. حادثي جي شڪار وين جي ڊرائيور محمد اڪرام ٻڌايو ته لالو رائنڪ وٽ سامهون تيز رفتار سارين سان ڀريل ٽريڪٽر اچي ويو، جنهن سبب اسان بريڪ لڳائي پر اسان جي گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن ڪري تسليم راجپوت فوت ٿي ويو. هوڏانهن پيرسن جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button