سنڌ

لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ بنيادي سهولتن کان محروم آهي:معظم عباسي

ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي مختلف هنڌن تي تعزتيون ڪرڻ سان گڏ تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. جي ڊي ايم پي اي معظم علي عباسي قمبر ۾ ڊاڪٽر آفتاب ڀٽو جي پڳ ٻڌائي واري رسم ۾ شرڪت ڪري سندس پڳ کي ور ڏنو، جنهن کان پوءِ هن ڪجھه ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل پي ٽي آءِ اڳواڻ راڻا سخاوت راجپوت جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي چيو ته اسان سخاوت علي راجپوت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارثن سان هر ممڪن سهڪار ڪنداسين جيستائين مقتول جا قاتل گرفتار نٿا ٿين تيسيتائين وارثن سان هر جدوجهد ۾ گڏ آهيون. هوڏانهن اڳوڻي ايم اين اي ميان مٺو ڪوٽ دراب خان عباسي پهچي معظم عباسي سان سندس والد مرحوم حاجي منور علي عباسي جي وفات تي تعزيت ڪري دعا گهري. ان موقعي تي معظم علي خان عباسي چيو ته لاڙڪاڻي سميت سڄي سنڌ بنيادي سهولتن کان مرحوم بڻيل آهي، پ پ چيئرمين بلاول ۽ فريال ٽالپر جي پنهنجن تڪن ۾ بي انتها ڪرپشن آهي، جڏهن ته انهن جي تڪن ۾ سهولتن جي وڏي کوٽ آهي، جنهن سبب اتان جو عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button