سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ سهراب خان جي رهواسين مبينا زرعي زمين تي قبضي ۽ بااثرن جي ڏاڍاين خلاف ميرو خان روڊ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي اياز علي لغاري دانهيندي الزام لڳايو ته ڊي ايس پي عزيز الله ڪلهوڙو، زبير ڪلهوڙو، هاشم گوپانگ، نظير گوپانگ ۽ ٻين اسان جي 4 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي، جيڪي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن الزام لڳايو ته بااثرن ميرو خان ٿاڻي جي پوليس کي رشوت ڏئي اسان مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، جنهن جي آڙ ۾ پوليس والد منظور لغاري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان ٿيل قبضو ختم ڪرائڻ سان گڏ گرفتار والد کي آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button