سنڌ

نصيرآباد ۾ بدامني خلاف شهري اتحاد جو احتجاجي مظاهرو

نصيرآباد ۾ بدامني خلاف شهري اتحاد پاران ٻئي ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. شهري اتحاد جي اڳواڻ سينگار نوناري جِي اڳواڻي ۾ نوناري محلي کان فاضل راهو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي عاشق ڪلھوڙو، دلدار ايري، ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، مرتضيٰ چانڊيو، مولانا ياسين ڪانڌڙو، اشفاق مسڻ، گلزار شيخ ۽ ٻين چيو ته ھٿ وٺي بدامني ڦھلائي پئي وڃي، لڳاتار ٿيندڙ وارداتن سبب شھري پاڻ کي غير محفوظ سمجھن پيا، اسان فقط امن امان بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو پر انتظاميا ذميواراڻي موٽ ڏيڻ کان نابري واريو بيٺي آھي. شهري اتحاد جي سھڪاري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي گھرائي وڌيڪ لائحہ عمل جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button