سنڌ

قمبر ويجهو کنڀي گم ڪيل شاعر شاهنواز کوسو جي وارثن جو احتجاج

قمبر جي ڳوٺ گل محمد چچو مان کنڀي گم ڪيل شاعر شاهنواز کوسو جي آزادي لاءِ سندس ما اقبال خاتون، گهرواري ناهيد خاتون ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شاهنواز کوسو جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو اسان جي نوجوان کي گهران بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي. ھنن چيو ته اسان جي نوجوان شاهنواز جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو واسطو ناهي، جيڪڏھن ڪو ڏوهه آھي ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ شاهنواز جي آزادي تائين احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button