سنڌ

لاکڙا ڪول مائنز ۾ ڪوئلي جي ڀڪ ڪرڻ سبب پورهيت فوت

خاڻوٺ ويجهو لاکڙا ڪول مائنز جي حبيب اللّه ڪول مائنز جي کاڻ ۾ ڪوئلي جي ڀڪ ڪرڻ سبب شانگلا واسي پورهيت 22 ورهين جو عجب خان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. پولیس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪندي قانوني ڪارروائي ڪرڻ بعد لاش ڪمپنيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. ڪوئلا ڪمپنيءَ انتظاميا لاش کي غسل ڪفن ڏياري ايمبولينس ۾ اباڻي شهر شانگلا ڏانهن روانو ڪرڻ بدران مسافر وين جي ڇت تي رکي روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته لاکڙا ڪول مائنز ٿاڻي جي پوليس اتفاقي موت جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ڪمپني انتظاميا لاش ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد غسل ڪفن ڏئي لاش کي وين جي ڇت تي رکي شانگلا روانو ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button